خواجه حسن بصري جو مقبرو

خواجه حسن بصري جو مقبرو

خواجه حسن بصري

خواجه حسن بصري: مشهور بزرگ خواجه حسن بصري 21هه/ 642ع ۾ بصري شهر ۾ پيدا ٿيو، سندس ڪنيت ابو محمد ۽ ابو سعيد هئي. تصوف ۾ کيس وڏو درجو حاصل هو. ’روضة الاحباب‘ ۾ ڄاڻايل آهي ته: ”خواجه حسن جي والد هجرت جي ٻارهين سال حضرت ابوبڪر رضه جي هٿ تي اسلام قبوليو ۽ سندس والده ام المومنين بيبي اُم سلمه جي دعا سبب خواجه حسن بصري 130 اصحابين جي صحبت مان فيض پرايو ۽ خلق خدا جو پيشوا ٿيو. حضرت علي عليه السّلام جڏهن بصري پهتو، ته کانئن خواجه حسن بصريءَ گهڻو پرايو ۽ شريعت ۽ طريقت جو علم حاصل ڪيو. ان کان پوءِ خواجه حسن بصري هميشه حضرت علي عليه السّلام جي خدمت ۾ رهندو هو. بصري ۾ جنهن هنڌ خواجه حسن بصري حضرت علي عليه السّلام کان فيض پرايو ۽ علم حاصل ڪيو، ان هنڌ کي هاڻي ’باب السلطنت‘ چيو وڃي ٿو.
شام شهر جي سفر دوران خواجه حسن بصريءَ تي اهڙي ڪيفيت طاري ٿي، جو سندس دل ۾ خدا جي قرب کانسواءِ ڪا به خواهش باقي نه رهي. ان کانپوءِ عبادت الاهيءَ ۾ مشغول رهيو ۽ دنيا کان گوشه نشين ٿي ويو.
خواجه حسن بصري هفتي ۾ هڪ دفعو وعظ ڪندو هو. وعظ واري ڏينهن منبر تي چڙهي ڏسندو هو، جيڪڏهن بيبي رابعه بصري موجود هوندي هئي ته وعظ ڪندو هو نه هوندي هتي ته وعظ نه ڪندو هو ۽ منبر تان لهي ايندو هو. هڪ شخص کانئن پڇيو: ”اوهان مجلس ۾ ماڻهن جو انبوه ڏسي خوشي ٿيندا هوندؤ!“ خواجه حسن جواب ڏنو: ”آءٌ ماڻهن جي انبوه کي ڏسي خوش نه ٿيندو آهيان، ليڪن اهل دل ۽ درويش ماڻهن کي ڏسي خوش ٿيندو آهيان“.
روايت آهي ته هڪ ڀيري بصري ۾ سخت ڏڪار پيو، ماڻهن خواجه حسن بصريءَ کي دعا گهرڻ لاءِ درخواست ڪئي. خواجه صاحب هڪدم خواجه ڪميل ابن زياد وٽ ويو ۽ وڃي عرض ڪيائين ته: ”اي استاد معظم! اچو ته گڏجي ڏڪار جي خاتمي لاءِ رب العزت جي بارگاهه ۾ ٻاڏايون.“ چون ٿا ته حضرت خواجه ڪميل ۽ خواجه حسن بصريءَ جي دعا مقبول ٿي ۽ ملڪ ۾ بارش وسي. حضرت خواجه بصري جا شاگرد ۽ پوئلڳ سندس سلسلي کي جاري رکندا آيا. هن عظيم صوفي بزرگ، پهرين رجب المرجب 110هه/ 10 آڪٽوبر 728ع تي وفات ڪئي، ان وقت سندن عمر 89 سال هئي. خواجه حسن بصريءَ جي آخري آرامگاهه بصري ۾ آهي.


لفظ خواجه حسن بصريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0728.10.10  عيسوي

هن عظيم صوفي بزرگ، پهرين رجب المرجب 110هه/ 10 آڪٽوبر 728ع تي وفات ڪئي، ان وقت سندن عمر 89 سال هئي. خواجه حسن بصريءَ جي آخري آرامگاهه بصري ۾ آهي.



مذهبي شخصيت - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبيده بن حارث رضه اصحابي
پير، اصحابي محمد اسماعيل
حسني قادري پير غلام شاهه جيلاني
عبدالله بن عمر رضه
ادريس عليه السلام
حاجي سيد محمد يعقوب
حام بن نوح
عقيل بن ابي طالب رضه
خواجه گل حسن پير بادشاهه
قائم شڪارپوري
مذهبي شخصيت ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون